اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ملايشيا، پرتگال، ڪوسوو، ليٿوانيا ۽ ايڪواڊور جي نامزد سفيرن سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان پاڪستان ۾ مل??ئي??يا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ مل??ئي??يا جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن، پاڪستان مل??ئي??يا سان معيشت، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختل?? شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي ل??ءِ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته مل??ئي??يا ۽ آسيان جي منڊين ۾ پاڪستاني شين تائين پهچ مل??ئي??يا جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، ٻطرفو واپار وڌائڻ ۾ مد?? ڏئي سگهي ٿي. صدر مختلف معاملن تي عالمي فورمز تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي مل??ئي??يا جا ٿورا مڃيا. صدر سان پاڪستان ۾ پرتگال جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ واپار، زراعت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي وڏي منڊي آهي، پرتگالي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ مختل?? شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. صدر چيو ته واپاري وفدن کي تعاون جي شعبن جي ڳولا لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان جي ل??ءِ ڪوسوو جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ڪوسوو سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جي فروغ جو ??وا??شمند آهي، ڪوسوو سان اقتصادي ل??ڳاپن جي توسيع پاڪستان جي اهم ترجيح آهي، پاڪستان اڀرندڙ منڊي آهي، سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا موجود آهن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ اهم قدم هوندو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان جي ل??ءِ ليٿوانيا جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ واپار ۽ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي ل??ءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي ل??ءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. صدر پاڪستان جي ل??ءِ ايڪواڊور جي نامزد سفير ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ايڪواڊور سان سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي ل??ڳاپا وڌائڻ جو ??وا??شمند آهي، صدر ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي ل??ءِ اداراجاتي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.