اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عورتن جو عالمي ڏ??اڙو رڳو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي تجديد عزم جو ئي نه پر هڪ گهر کي خ??ند??ن، معاشري کي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال جهڙن رشتن سان مهذب سماج بڻائيندڙ عورتن جي قربانين، خدمتن ۽ وفائن جي اعتراف جو پڻ ڏينهن آهي. عورتن ج?? عالمي ڏ??نهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن عورتن کي سلام پيش ڪندي چيو ته هر گهر ۾ ٻارڙين سان برابر سلوڪ سان ئي ترقي ٿيندي. عورتن ج?? عالمي ڏ??نهن تي انهن والدين، استادن کي پڻ سلام جيڪي پنهنجي ڌيئرن ۾ فرق نه ٿا ڪن ۽ انهن جي زندگين ۾ اڳت?? وڌڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ ٻارڙي جي تعليم جو مطلب نسلن جي ترقي آهي، هڪ صحتمند بااعتماد ڌيءَ سان ئي هڪ صحتمند بااعتماد ۽ باوقار قوم وجود ۾ اچي ٿي.