اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوئٽزرلينڊ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي سعودي عر?? جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير پنهنجي ڀاءُ شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي تاريخي ۽ گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ سعودي عر?? جي پراڻي حمايت جي لاءِ ٿورن جو اظهار ۽ سمورن ش??بن ۾ گ??يل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.