اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پن??اب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ ڀر??ور وسيلا وقف ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ مسلسل ڪوششون جاري رکيون آهن. پاڪ فضائيه اهڙن ڏورانهن علائقن ۾ راشن، دوائون ۽ ضرورت واريون شيون ڪيرائڻ لاءِ هيليڪاپٽر آپريشن ڪري رهي آهي، جتي زميني رابطا مڪمل طور ڪٽيل آهن، ٻوڏ متاثر جي وڌ کان وڌ امداد لاء?? فلڊ رليف ڪيمپن ۾ بحاليءَ جي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن پڻ ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ ۽ طبي امداد جي فراهميءَ سان گڏوگڏ ٻين ضروري شين جي فراهميءَ لاءِ ڏينهن رات ڏينهن مصروف آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن جي ازالي لاءِ پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن گذريل 24 ڪلاڪن دوران ضرورتمندن خاندانن ۾ 23120 پڪل ک??ڌي جا پيڪيٽ، 2130 پاڻيءَ جون هوتلون ۽ 3343 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ کاڌي پيتي جون شيون شامل آهن.