ڪوئيٽا – 12 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير ع??دا??قدوس بزنجو آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ساده پر پروقار انداز ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪن??ي چيو آهي ته سڄي بلوچستان ۾ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه قومي جوش ۽ جذبي س??ن سادي ۽ پروقار طريقي س??ن ملهائي ويندي، وڏي وزير چيو ته هن وقت صوبو شديد برساتن ??ي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، لکين متاثرين کي حڪومت ۽ معاشري جي س??ندي وارن جي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، حڪومت متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. مير ع??دا??قدوس بزنجو چيو ??ه اسان هيليڪاپٽر حادثي ۾ ٿيندڙ شهادتن جي ڏک مان اڃا تائين ٻاهر ناهيون نڪري سگهيا، ٻوڏ متاثرين ۽ شهيدن جي پونئيرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزادي جي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي پر سادگي س??ن ملهايو ويندو.