اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي هيَت تبديل ٿي چڪي آهي، ان ۾ موبائيل جرنلز اهميت اختيار ڪري وئي آهي، موبائيل جرنلزم خبر جي نشر ۽ اشاعت کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه هن انفارميشن ??روس اڪيڊمي ۾ موبائيل جرنلزم جي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ادارن پي ٽي وي، اي پي پي ۽ ريديو پاڪستان جي رپورٽرز کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 2018ع ۾ اسان انفارميشن ??روس اڪيڊمي جو پورو نصاب جوڙي ڇڏيو هو. انفارميشن ??روس اڪيڊمي کي جديد ٽي??نالاجي سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي آفيسرن ??ي ورچوئل ٽريننگ ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موبائيل جرنلزم جي تربيتي ورڪشاپ ۾ عورتن جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي، عورتون ڪنهن به طرح مرد صحافين کان پٺتي نه آهن. هن چيو ته گذريل چئن سالن د??را?? عورت صحافين اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، عورتن جي هر شعبي ۾ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ موبائيل جرنلزم تي ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ 27 ۽ 28 مئي 2022ع تي انفارميشن ??روس اڪيڊمي ۾ منعقد ٿيو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پرنسپل انفارميشن ??فيسر مبشر حسن، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن ??روس اڪيڊمي سعيد جاويد، پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ صحافين ??ي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.