اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??وم??ليه ج?? وچ ۾ واپار ۽ معيشت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ”لُڪ آفريقه پاليسي“ سان سمورن آفريقي ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ??وم??ليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت تي ??وم??ليه جو ٿورو ادا ڪيو، صدر ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ پارلياما??ي وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو، صدر ??وم??لي پارليامينٽرينز کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز پاران پارلياماني خدمتن جي پروگرام مان مستفيد ٿيڻ جي دعوت ڏني، صدر چيو ته ??وم??لي شاگردن جو هڪ وڏو تعداد پهرين ئي پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، پاڪستان ڪافي تعداد ۾ ??وم??لي پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ ان جي پنهنجي گهرن ۾ محفوظ واپسي جو خواهشمند آهي. صدر ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي ساراهيو.