ڪراچي – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي، ??لڪ ۾ ويليوا يڊيشن جي ذريعي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اها ڳالهه هن ڪراچي کان تقريبن 80 ڪلوميٽر پري نوري آباد ۾ سروس لانگ مارچ (ايس ايل ايم9 ٽائر فيڪٽري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته ايس ايل ايم فيڪٽري جو قيام چيني ۽ پاڪستاني سيڙپڪارن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، صدر خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي. هن چيو ته 2013- 2018ع دوران ٽائرن جي اسمگلنگ ۾ اضافو ڏٺو ويو پر هاڻي ??لڪ ۾ ٽائرن جي تياري سان اسمگلنگ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چين جي حڪومت ۽ ان جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته زراعت، آٽو ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي شعبا آهن جتي اسان چيني ڪمپنين سان تعاون ڪري سگهون ٿا ۽ ٻنهي ملڪن ۽ ان جي عوام جي لاءِ فائديمند ٿيندو. ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته ??لڪ ۾ ويليو ايڊيشن جي ذريعي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، هن ??ڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ??لڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪري شاندار ڪم ڪيو آهي، هن ??ڌيڪ چيو ته اسٽيڪ هولڊر کي پاليسي سازي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ??لڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته عورتن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ته جيئن بئنڪنگ ۽ ٻين شعبن ڪيو آهي، ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ??لڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌائن لاءِ عارضي فنانس اڪنامڪ فيسيلٽي (ٽي آر ايف اي) متعارف ڪرائي آهي ۽ ان اسڪيم جي ذريعي خاص طور تي ننڍي ڪاروبار کي ترجيحي بنيادن تي قرض ڏنا پيا وڃن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته ??لڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ننڍي ڪاروبار جي لاءِ ڪمرشل بئنڪن جي ذريعي ترجيحي بنيادن تي قرض ڏنا پيا وڃن ان موقعي تي سي اي او ايس ايل ايم عثمان سعيد چيو ته ايس ايل ايم ??لڪ جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل ڪمپني آهي، هن ??ڌيڪ چيو ته اسان منافعو ڪمايو پر ان جو وڏو حصو ??لڪ ۾ ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي ??ي خرچ ڪيو پيو وڃي. سي اي او ٻڌايو ته اسان ??لڪ ۾ غريب ماڻهن جي خدمت لاءِ اسپتالون قائم ??يون آهن ۽ ان کانسواءِ ??لڪ ۾ ٻين فائونڊيشنز کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي وئي آهي.