ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکندو، والاريل ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ضروري آهي، روس ۽ يوڪرائن جي وچ ۾ تازي ترين صورتحال افسوسناڪ آهي، پاڪستان سفارتڪاري سان ان جي حل جي اميد ڪري ٿو، تڪرارن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري سان ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌر??ئي موجب روس جي دوري جي موقعي تي ڪريملن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ سربراهي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن، ٻطرفي مفاد جي علائق??ئي ۽ عالمي مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ تازي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان اطمينان جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀر??ئي جو تسلسل جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته لاڳاپن ۾ ڀروسو ۽ گرمجوشي شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي اهميت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فليگ ش?? اقتصادي منصوبي جي آهي، ٻنهي اڳواڻن توان??ئي سان لاڳاپيل ٻين منصوبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن گهڻ رخن لاڳاپن جي عزم کي ورجايو. علائق??ئي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ انساني بحران کي فوري حل ڪرڻ ۽ مع??شي تباهي جي روڪٿام جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان دنيا سان گڏج?? هڪ مستحڪم، پرامن ۽ ٺوس افعانستان جي لاءِ ڪم جاري رکندو. ان ڏس ۾ هن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مختلف علائق??ئي ۽ عالمي مع??ملن بشمول شنگه??ئي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت تازي جاري تعاون ۽ رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو. سائوٿ ايشيا جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنجيده صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم علائق??ئي امن ۽ استحڪام کي پهچندڙ نقصان جي حوالي سان چيو ته علائق??ئي توازن کي برقرار رکڻ ۾ مع??ون قدم کنيا وڃن. وزيراعظم روس ۽ يوڪرائن جي تازه ترين صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته فوري تڪرار کي سفارتڪاري سان حل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته تڪرار ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي ۽ تڪرار جي صورت ۾ سدائين اسرندڙ ملڪ مع??شي مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿا. هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته تڪرار ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان حل ٿين. دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۽ انتهاپسندي جي وڌندڙ رجحانن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم زور ڏنو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل بقاءَ جي ضرورت آهي. صدر پيوٽن جي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي وابستگي جي حساسيت ۽ احترام کي سمجهڻ کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته مع??شرن جي اندر ۽ انهن جي وچ ۾ امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمورن مذهبن جو احترام ضروري آهي. وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ٻن ڏينهن جي روس جي دوري تي آهي. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ آهن.