اسلام آ??اد – 07 فيبر??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمر امين گنڊاپور بابت فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڊيره اسماعيل خان ۾ مولانا فضل الرحمان کي واضح شڪست سامهون هئي، اهڙي صورت ۾ تحريڪ انصاف ج?? اميدوار کي ان بنياد تي نااهل قرار ڏنو ويو ته ان جو ڀاءُ چونڊ مهم ڇو هلائي رهيو آهي، اهڙا فيصلا اليڪشن ڪميشن کي تڪراري بڻائين ٿا.