اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مريءَ ۾ رستن تي سياحن جي افسوسناڪ فوتگين تي صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي ان جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته کيس مريءَ ۾ سياحن جي فوتگين سبب سخت صدمو په??و آهي، غيرمعمولي برفباري ۽ موسم جي صو??تح??ل ڄاڻڻ کانسواءِ عوام پاران مريءَ ڏانهن وڃڻ سان اها صو??تح??ل پيدا ٿي، غيرمعمولي صو??تح??ل ضلعي انتظاميا کي به تياري جو موقعو نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته اهڙن واقعن ج?? روڪٿام لاءِ سخت قاعدا ٺاهيا ويندا.