اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ طاهر جاويد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ آمريڪا بزنس فورم جي چيئرمين ??في?? خان به ساڻس گڏ هو. ملاقات دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، معاشي سفارتڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، آمريڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، اسان جي حڪومت، معاشي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. شاهه محمود ق??يشي چيو ته پاڪستان، ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ اي ويزا سميت ڪيتريون ئي اهم سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. آمريڪي ڪمپنيون انهن مراعتن مان فائدو کڻندي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ملاقات ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حوالي سان به خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي لاءِ ڊيموڪريٽڪ اڳوڻ طاهر جاويد جي خدمتن کي س??را??يو. طاهر جاويد پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي جو ٿورو ادا ڪندي کيس پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.