نيويارڪ / اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير سوفي وليمز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل مهيني ٿيندڙ ??يل??فونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان بيلجيئم کي يورپي يونين ۾ پاڪستان جو اهم واپاري حصيدار سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعا??ن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيه?? وزير جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير جا ٿورا پ?? مڃيا. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ پاڪستان سميت پوري خطي جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران جي خطري کي سامهون رکندي عالمي برادري کي گهرجي ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کڻي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ افغان عوام جي انساني ۽ معاشي مدد عالمي برادري پاران مثبت پيغام پهچائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندي. بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير سوفي وليمز ڪابل مان بيلجيئم جي سفارتي عملي جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل خصوصي تعاون تي پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا پ?? مڃيا. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.