اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽوڪيو پيرا اولمپڪس ۾ پاڪستان لا??ِ پهريون گولڊ ميڊل کٽ??ندڙ پاڪستاني ايٿليٽ حيدر علي ملاقات ڪئ??. م??اقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر ??هم??ده مرزا به موجود هئي. صدر ٽوڪيو پيرا اولمپڪس (آگسٽ – سپٽمبر 2021ع) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي حيدر علي کي مبارڪباد ڏني، صدر حوصلا افزائي لا??ِ حيدر علي کي 25 لک روپين جو انعامي چيڪ به پيش ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته حيدر علي شاندار راند جو مظاهرو ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو، اميد آهي ته مستقبل ۾ به ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. صدر چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لا??ِ قدم کڻي رهي آهي، خصوصي ماڻهن کي ملڪ جو فعال شهري بڻائڻ لا??ِ هنر ۽ تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر ??هم??ده مرزا چيو ته راندين جي نئين پالي??ي ۾ خصوصي ماڻهن کي به شامل ڪنداسين.