اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ جديد علم ۾ اعليٰ تعليم اهم حيثيت رکي ٿي، وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم ??ي فروغ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم ??ي فروغ جي حوالي سان جا??زه اجلاس ۾ ڳالهائين??ي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، چوڌري فواد حسين ۽ شفقت محمود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي چي??رمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، ??نص??بابن??ي ڪميشن جي ڊپٽي چي??رمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي سيالڪوٽ انجنيئرنگ يونيورسٽي قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان 16.69 ارب رپين جي ماليت جي ??نص??بي جي لاءِ ايڪنڪ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي نصاب ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم شامل ڪئي پئي وڃي ۽ انهن ڪلاسن جي لاءِ نئون نصاب جلد جاري ڪيو ويندو. وزيراعطم چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ جديد علم ۾ اعليٰ تعليم اهم حيثيت رکي ٿي تنهن ڪري حڪومت ان رخ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم ??ي فروغ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.