اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عالمي تعاون لاءِ پنهنجي عزم تي قا??م آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان نيوي گهڻ قومي امن مشق 2021ع جو اهتمام ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته بحر?? مشق ۾ سڄي دنيا جي 42 کان وڌيڪ بحري فوجون حصو وٺي رهيون آهن، اهو علائقائي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان حڪومت پاڪستان جي ويزن جي عڪاس آهي. هن بحر?? مشق ۾ حصو وٺندڙ سمورن شرڪت ڪندڙن کي مبارڪبا?? پيش ڪئي.