اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت بلوچستان جي پوئتي پيل ڏاکڻي?? ضلعن لاءِ وڏي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت انه?? ضلعن ۾ بجلي، گئس ۽ رستن جي سهولت جي فراهمي لاءِ ٽي سالن ۾ 600 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا، انه?? ضلعن ۾ نيشنل گرڊ ۽ ٻين ذريعن مان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو مهانگي گئس نٿا خريد ڪري سگهن انهن جي احساس پروگرام تحت مدد ڪنداسين، پيڪيج تحت 16 نون ڊيمن جي تعمير سان هڪ لک 50 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، گلگت بلتستان جي عوام تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان علائق?? جي لاءِ به جامع ترقياتي پيڪيج ڏنو ويندو، اندروني سنڌ ترق?? جي لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪراچ?? جي لاءِ به پيڪيج ڏنو آهي، پي ڊي ايم جو بيانيو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، عوام جي مسئلن تي ڳالهين لاءِ اسان جا دروزا کليل آهن پر اين آر او نه ملندو. اطلاعات ۽ نشريات وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات واري وزي?? مراد سعيد، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن گذريل ڏينهن تربيت جو دورو ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ معاشر?? جي ڪمزور تري?? طبقن کي سهارو ڏنو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ڏاکڻي?? ضلعن جي ترق?? جي لاءِ جيڪو پيڪيج ڏنو آهي ان ۾ ات?? جي سڀ کان وڏين ضرورتن جو خيال رکيو ويو آهي، ات?? جي نوجوان آبادي جو وڏو حصو آهن، اتي زراعت به هڪ وڏو ذريعو آهي جنهن جي لاءِ پاڻ?? جي ضرورت هوندي ۽ ان جي لاءِ اتي ڊيم ٺاهڻ هڪ ضرورت آهي، انهن علائقن جي مجموعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهيون.