اسلام آباد – 04 جون (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صنعتي عمل جو فروغ ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن آساني فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بجيٽ ۾ ڪورونا سبب متاثر صنعتي شعبي جي بحالي ۽ فروغ، حڪومت طرفان ڏني ويندڙ سبسڊي جي بهترين ۽ موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام تي پوندڙ غير ضروري حڪومتي ??رچ?? جو بار گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، ايندڙ بجيٽ ۾ غير ترقياتي ??رچ?? ۾ گهٽتائي آڻڻ تي به خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، صوبن جي مشاورت سان ترقياتي ??رچ?? جي حوالي س??ن ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايندڙ مالي سال جي تجويز ڪيل بجيٽ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.