اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالم سڳورن جو تعاون گهربل آهي، تمام جلد عالم سڳورن جي وفد سان پ??ڻ ملاقات ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن مشه??ر عالم دين مولانا طارق جميل سان ٿيندڙ ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم مولانا طارق جميل طرفان ڪورونا وائرس جي خلاف عوامي آگاهي مهم کي ساراهيو.