ڀارتي حڪومت جا ڪڌا ڪرتوت دنيا آڏو بي نقاب ٿي رهيا آهن: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP09-07 ISLAMABAD: February 07 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media personnel during the photographic exhibition in connection with Kashmir Solidarity Day at Aiwan e Quaid, F-9 Park. APP photo Irfan Mehmood

اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت جا ڪڌا ڪرتوت دنيا آڏو بي نقاب ٿي رهيا آهن، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري پنهنجي آزادي جو سج اڀرندي ڏسندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ۽ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ايوان قائد ايف نائن پارڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي مناسبت سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : فنکی پھل