رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري رياض کان دوحه، قطر روانو ٿي ويو. رياض جي نائب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز شاهه خالد عالمي هوائي اڏي تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پاڪستان جو سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جا اعليٰ سفارتي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ موجود هئا. وزيراعظم رياض ۾ اٺين فيورچ انويسٽمينٽ انيشي اي??و (ايف آءِ آءِ) ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب پڻ ڪيو. وزيراعظم فورم ۾ پاڪستان جي سيڙپڪاري جي صلاحيت ۽ ??ڪو??ت پاران معاشي سڌارن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم جي اعليٰ سعودي قيادت ??اص طور تي سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان پڻ ٻطرفي ملاقات ٿي جتي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محم?? آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.