اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي دلي مبارڪ پيش ڪندي چيو آه?? ته ڪرسمس انسانيت لاءِ هڪ آفاقي پيغام آڻي ٿي ۽ سمورن مذهبن جي مڃيندڙن کي محبت، سخاوت، رحم، اتحاد ۽ اميد جي ترغيب ڏياري ٿي. ڪرسمس جو ڏينهن حضرت عيسيٰ جي ولادت جي ياد ۾ ملهايو ويندو آه??، اوهان جي محبت، همدردي ۽ امن جو پيغام اڄ به اسان جي حوصله افزائي ۽ رهنمائي ڪري رهي آه??، هي آفاقي پيغام اسان کي هڪ جامع ۽ پر امن معاشرو قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي سندن مذهبن جي بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ کين عبادت ڪرڻ ۽ پنهنجي ع??يدن مطابق زندگي گذارڻ جي آزادي ڏئي ٿو. قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي پاڪستان جو تصور ڏنو جتي سمورن مذهبن جا ماڻهو برابري جي بنياد تي ترقي ڪري سگهن، قومي يڪجهتي ۽ ترقي لاءِ سمورن شهرين جي حقن جي پاسداري اڻٽر آه??. اڄ جي ڏينهن اسان پاڪستان جي ترقي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار جو به اعتراف ڪيون ٿا، هن?? تعليم، صحت، ڪميونٽي سروس، سماجي ڀلائي ۽ عوامي خدمت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون آه??. مسيحي برادري جو ڪردار اسان جي قوم جي مختلف مذهبن جو ثبوت آه?? ۽ اهو سبب سڀني پاڪستانين لاءِ فخر جي ڳالهه آه??. هن چيو ته اچو اسان سڀ مذهبي هم آه??گي، گڏيل احترام ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ عهد جي تجديد ڪيون، اسان کي عدم برداشت ۽ اڻ برابريءَ سلوڪ جي حوصله شڪني ڪرڻي پوندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻو پوندو ته پاڪستان ۾ هر شخص جي عزت ۽ احترام ڪيو وڃي ۽ هو پاڻ کي محفوظ تصور ڪري. ڪرسمس جو ڏڻ اسان کي درس ڏئي ٿو ته ضرورتمندن سميت هڪ ٻئي طرف دوستي ۽ يڪجهتي جو هٿ وڌايون. اچو اسان ان ئي جذبي کي کڻي سڄي سال امن، انصاف ۽ همدردي تي ٻڌل معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. دعا آه?? ته هي ڪرسمس اسان جي مسيحي برادري لاءِ خوشي، خوشحالي ۽ اميد کڻي اچي.