اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان بنگلا??يش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تار??خ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ بنگلا??يش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ بنگلا??يش جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر محمد روح العالم صديق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ال??دا??ي ملاقات ڪئي. بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ پنهنجو چار سالن جو مدو پورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ بنگلا??يش لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي شاندار خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بنگلا??يش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تار??خ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. بنگلا??يش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بنگلا??يش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بنگلا??يش جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ قيام دوران کيس فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ تعاون تي وزيراعظم جا ٿو??ا مڃيا.