اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ- ترڪيه ناتن کي هٿي ڏيڻ تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه ۾ 3 پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته ترڪيه سان تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه گهري مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪ- ترڪيه ناتا جٽادار ڀائيواري ۾ بدلجي رهيا آهن. گهرو وزير ترڪيه جي هم منصب کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. ترڪيه جي گهرو وزير چيو ته پاڪستا?? ڀائر ملڪ آهي، جلد اسلام آباد جو دؤرو ڪندس. ترڪيه جي گهرو وزير پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ماهرن جو وفد ترڪيه اُماڻيندو. گهرو وزير 23 آڪٽوبر تي ??نقره ۾ دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، دهشتگرديءَ جو خاتمو هن وقت هڪ عالمي چئلينج آهي. هن ان ڳالهه تي ??ور ڀريو ته پوري دنيا کي ان ناسور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع قدم ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. گهرو وزير ساها انٽرنيشنل ايڪسپو تي ??هترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي ??رڪيه جي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.