اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ ت??ت مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ وفاق کان صوبن ڏانهن مجموعي طور 15 کرب، 65 ارب، 14 ڪروڙ، 50 لک روپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪي?? انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ اين ايف سي ايوارڊ ت??ت پنجاب کي 7 کرب، 59 ارب، 83 ڪروڙ، 70 لک روپيا، سنڌ کي 3 کرب، 91 ارب، 27 ڪروڙ 60 لک روپيا، خيبرپختونخوا کي 2 کرب، 57 ارب، 22 ڪروڙ 20 لک روپيا ۽ بلوچستان کي هڪ کرب، 56 ارب، 81 ڪروڙ روپين جا فنڊ منتقل ڪيا ويا. گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ اين ايف سي ايوارڊ ت??ت وفاق کان صوبن ڏانهن مجموعي طور 13 کرب، 70 ارب، 44 ڪروڙ روپين جا فنڊ منتقل ٿيا هئا. گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ اين ايف سي ايوارڊ ت??ت پنجاب کي 5 کرب، 25 ارب، 88 ڪروڙ، 60 لک روپيا، سنڌ کي 2 کرب، 61 ارب، 54 ڪروڙ، 50 لک روپيا، خيبرپختونخوا کي هڪ کرب، 77 ارب، 63 ڪروڙ روپيا ۽ بلوچستان کي هڪ کرب، 23 ارب، 70 ڪروڙ، 80 لک روپين جا فنڊ جاري ٿيا هئا. مالي سال 2024ع جي وچ ۾ اين ايف سي ايوارڊ ت??ت وفاق کان صوبن کي مجموعي طور 52 کرب، 63 ارب، 62 ڪروڙ، 70 لک روپين جا فنڊ جاري ٿيا هئا.