اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??ول?? مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان اڳ ??ول?? مشترڪه جي پرڏيهي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وزارتي اجلاس ۾ ??ول?? مشترڪه جي بنيادي اصولن، خاص طور تي لچڪدار معاشرن کي فروغ ڏيڻ ۽ جامع ۽ برابر ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هن ??ول?? مشترڪه جي ترقي پسند ترج??حن ”صنفي برابري ۽ انٽرجنريشنل ڊائيلاگ“ کي پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اهڙن معاشرن جي تعمير ۾ ??ول?? مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جيڪي عالمي چئلينجز جو مقابلو ۽ انهن سان هم آهنگ ٿي سگهن. هن موسمياتي موافقت ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڊيزاسٽر ريسپانس ڪوآرڊينيشن کي وڌائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. محمد اسحاق ڊار گڏيل چئلينجز جو مضبوط حل تيار ڪرڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ ??ول?? مشترڪه جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ساموا جي وزيراعظم فيام نومي مطاف، سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن، رو??نڊا جي پرڏيهي وزير اوليور جي پي ندهو نگيري، ڏکڻ آفريقا جي نائب پرڏيهي وزير ايناٿانڊي موراڪا، سينٽ ڪٽس اينڊنيوس جي پرڏيهي وزير، ٽوگو جي واپار واري وزير ۽ ??ول?? مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقاتون ڪيون آهن.