اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) وچ ايشيائي رياست ??اجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن پاڪستان پهچي ويو آهي. اسلام آباد جي عالمي هوائي اڏي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين مهمان وزيراعظم جو شاندار ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو.
ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستا پيش ڪيا. تاجڪ و??يراعظم جي آمد جي موقعي تي واپار واري وزير ۽ مهمان وزيراعظم وچ ۾ خيرسگالي جون ڳالهيون به ٿيون. پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفارتخاني جون اعليٰ سفارتي اختياريون به موجود هيون. تاجڪستان جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دوستي کي هٿي وٺرائڻ ۽ عل??ئق??ئي سهڪار ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلاس ۾ عالمي اڳ??اڻن جي شرڪت سان عل??ئق??ئي امن جون اميدون وڌي ويون ??هن.