اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان انتهائي نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي، سي پيڪ تحت اهم قدمن تي ??يندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ۽ ان تي ??قت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايڪس تي ??نهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته چين جي وزيراعظم سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ سي پيڪ منصوبن جي وقت ??ر تڪميل تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، معيشت، زراعت، ??وا??ائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چ??و ته اسان جي تزويراتي حصيداري ۽ اسان جي بنيادي مسئلن تي ??فاهمت علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جو بنياد آهي. وزيراعظم چ??و ته اسان نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي تقريب جي گڏيل صدارت ڪئي ۽ اهم مفاهمت جي يادداشتن جي دستاويزن جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ شريڪ ٿياسين جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافو ٿيندو.