اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي ??رب جي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ اعليٰ سطح ج?? سعودي وفد 9 کان 11 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پر??س بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته وفد ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن جا نمائندا شامل هوندا. هن چيو ته سعودي و??د جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات طئي آهي، ان دوري جو مقصد ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي ??صيداري کي مثبت تحرڪ ڏيڻ آهي. ترجمان چيو ته هي دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ولي عهد ۽ سعودي ??رب جي وزيراعظم محمد بن سلمان جي وچ ۾ اپريل 2024ع ۾ پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ اقتصادي ??عاون کي وڌائڻ جي لاءِ طئي ٿيندڙ مفاهمت کانپوءِ ٿي رهيو آهي.