ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. بلاول هائوس جي ميڊيا سي?? جي بيان موجب پ پ چيئرمين، وڏي وزير کي امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جا جوڳا قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي ۾ فوتين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ??يو ۽ زخمين لا??ِ جلد صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي. هن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لا??ِ جاري ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو.