اسلام آباد-27 ??يپ??مبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريبيز (ڇتي ڪتي جي چڪ پائڻ سان پيدا ٿيل بيماري) جو عالمي ڏينهن اڄ 28 ??يپ??مبر تي ملهايو ويندو. گڏيل قومن جي صحت جي عالمي اداري جي سهڪار سان 2007ع کان هر ??ال اهو ڏينهن 28 ??يپ??مبر تي ملهايو ويندو آهي. اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا ۾ ريبيز جي بيماري جي حوالي سان آگاهي ۽ ان کان تحفظ بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي، ريبيز ڪتي جي چڪ پائڻ سبب پيدا ٿيل هڪ بيماري آهي، جيڪا دنيا جي قديم بيمارين ۾ شامل آهي. ان بيماري جي علامت ۾ پاڻي کان ڊڄڻ، گلي ۾ سور، ساهه ٻوساٽجڻ جو احساس، جسم جي عضون جو چرپر نه ڪري سگهڻ، الٽي جي ڪيفيت ۽ الٽيون ٿيڻ، طبيعت هر وقت خراب رهڻ، ذهني مونجهارو ۽ هوش هواس وڃائڻ، مٿي جو سور، وات مان گج نڪرڻ، هوا کان ڊڄڻ، اوچتو گوڙ ٻڌي دورو پوڻ، ڳيت ڏيڻ ۾ شديد ڏکيائي پيش اچڻ ۽ ننڍ جو نه اچڻ شامل آهي. جيڪڏهن ريب??ز ٿي وڃي ته ان جو علاج نٿو ٿي سگهي، پر ان جي ويڪسين جي وقت سر استعمال سان ريبيز کان بچي سگهجي ٿو.واضح رهي ته ريبيز رڳو ڪتي جي چڪ پائڻ سان نه پر ٻلي، لومڙي جهڙن جانورن جي چڪ پائڻ سان به هر ??ال هزارين ماڻهو ريبيز جي بيماري جو شڪار ??ي زندگي وڃائي ويهندا آهن. ان ۾ پالتو جانور به شامل ٿي سگهن ٿا.