اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سي??پڪاري واري وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو آهي ته پاڪستان ۾ وڏي منافعي جي شرح ۽ گهٽ رسڪ جي سي??پڪاري جي منزل بڻجڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي جيڪا ان کي سعودي سي??پڪارن لاءِ انتهائي پُرڪشش هنڌ بڻائي ٿي. ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي سعودي وزير پاڪستان حڪومت جي قدمن ?? اقتصادي سڌارن کي ساراهيندي خصوصي ون اسٽاپ شاپ، سنگل ونڊو سسٽم ۽ خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪرڻ کي سي??پڪاري جي عمل کي هموار بڻائڻ ۾ اهم عمل قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم دورام ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2 ارب ڊالرن جي ماليت جي 27 معاهدن تي صحيح??ون متوقع آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهي معاهدا منظم طريقي سان اڀريا آهن جيڪي سهولتڪاري جي مضبوط ڪوششن جي عڪاسي ڪن ٿا. سعودي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ واپار جي عزم جو اعتراف ڪندي چيو ته ٻطرفي واپار ۾ پهرين ئي تقريبن 80 سي??ڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 2019ع ۾ 3 ارب ڊالرن کان وڌي اڄ 5.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. هن پاڪستاني سي??پڪاري لائسنسن ۾ نمايان اضافي تي به روشني وڌي جيڪي ٻيڻ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي جيڪو سعودي حڪومت جي حوصلا افزائي جو ثبوت آهي. شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح سعودي ولي عهد طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرن جي سي??پڪاري جي اعلان تي انتهائي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ انڪشاف ڪيو ته اهو اعلان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عهدو سنڀالڻ کان جلدي پوءِ سعودي عرب جي دوري دوران ٿيو.هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جي اسان جي وچ ۾ نمائندگي موجود آهي، اهو ??فد نه رڳو پي آءِ ايف جي نمائندگي ڪري ٿو پر ان ۾ ايڪوا، ايڪوا پاور، تجديد جوڳي توانائي، منارا منرلز جهڙ??ون ڪيتر??ون ئي پورٽ فوليو ڪمپن??ون به شامل آهن. سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتصادي امڪان عملي طور تي لا محدود آهن جيڪي ٻطرفن لاڳاپن ۽ پراڻي دوستي جي پائيدار مضبوطي جي عڪاسي ڪن ٿا.