لنڊن-22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي زوب ۾ اينٽي ٽيررازم فورس جي اهلڪارن تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽ?? اڇلڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم ??فيس جي پريس و??گ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ شهيد اهلڪارن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ سندن وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽ?? اڇلڻ لاءِ پرعزم آهيون.