راولپنڊي-20 سيپ??مب?? (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران 12 دهشتگرد ماريا ويا، فائر??گ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان ??هي?? ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ جهڙپن جا 2 واقعا ٿيا، 19 سيپ??مب?? تي پاڪ افغان سرحد تي 7 دهشتگردن جي چرپر ڏٺي وئي جيڪي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ انهن دهشتگردن جو پتو لڳايو ۽ کين موثر انداز ۾ گهيري ستن ئي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ٻيو واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ پيش آيو جتي خوارجي دهشتگردن جي گروپ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. سيڪيورٽي فورسز مقابلو ڪندي 5 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته شديد فائر??گ جي ڏي وٺ دوران 6 بهادر جوانن شهادت ماڻي. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو ۽ علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي خارجي کي ختم ڪرڻ ل??ءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ ل??ءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.