لاهور-21 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ناڪاميون پي ٽي آءِ جو مقدر بڻجي چڪيون آهن، لاهور جلسي بابت پي ٽي آءِ وڏيون ڊاڙون هنيون ۽ پورو زور لڳائڻ باوجود اهي، ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيا، عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جلسي بابت ڳالهائيندي وفاقي وز??ر عطا الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ لاهور جلسي جي حوالي سان وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪيون ۽ ڊاڙون هنيون، جهڙي طريقي سان سندن اسلام آباد جو جلسو فلاپ ٿيو اهڙي طرح لاهور جو جلسو به فلاپ ٿي چڪو آهي. هنن اسلام آباد جلسي دوران چيو هو ته اسان پوري تياري سان لاهور اچي رهيا آهيون، خبردار ۽ هوشيار جا نعرا هنيا ويا، اڄ لاهور جو هر روڊ کليل هو، پشاور کان علي امين گنڊاپور لاهور لاءِ روانو ٿيو ته ايم ون کان ايم ٽو موٽر وي تي آ??و، ڪنهن جڳهه تي ڪا رڪاوٽ نه هئي، اٽڪ ۽ ميانوالي سميت ٻين علائقن کان ج??سي لاءِ روٽ کليل رکيو ويو، ايتري تياري ۽ وقت ملڻ بعد به اهي پورو زور لڳائي سڄي ملڪ مان ڪجهه ماڻهن گڏ ڪري سگهيا. هن چيو ته مهانگائي 9.6 سيڪڙو تي اچي چڪي آ??ي، انهن جا پنهنجا ماڻهو مڃين ٿا ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آ??ي، 2018ع ۾ نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي 4 سيڪڙو تي هئي جيڪا پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڊبل ڊجٽ تي وئي. هن چيو ته اهي ڪهڙي ڳالهه تي احتجاج ڪري رهيا آهن، رستا خالي آ??ن، رستا کليل آهن، اسان کين فري هينڊ ڏنو ته اوهان اچو ۽ جلسو ڪريو، کين ج??سي گاهه فراهم ڪيو، سيڪيورٽي فراهم ڪئي، سمورين سهولتن باوجود اهي ناڪام رهيا. هن چيو ته اڄ دنيا جا وڏا مالياتي ادارا چئي رهيا آهن ته پاڪستان ج?? معيشت ٽيڪ آف ڪري رهي آ??ي، اڄ بلومبرگ ۾ هڪ آرٽيڪل شايع ٿيو ته پاڪستان ج?? اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا جي ايمرجنگ مارڪيٽس ۾ شمار ٿئي ٿي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏٺي وئي آ??ي، فچ ۽ موڊيز جي ريٽنگ بهتر ٿي آ??ي، مهانگائي ۾ صرف گهٽتائي ناهي ٿي پر اسان ج?? روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو ۽ وياج جي شرح گهٽ ٿي، پال??سي ريٽ هيٺ آيو، اهو ئي سبب آهي ته عوام سندن ج??سي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ بنيادي طور تي ڊنل آهن ۽ چاهين ٿا ته هي ملڪ ترقي نه ڪري، هنن آءِ ايم ايف کي خط لکيو، ملڪ کي ڊفالٽ ڪرڻ جون دعائون ڪندا رهيا، آءِ ايم ايف جي آ??يس ٻاهران احتجاج ڪيا، ڇاڪاڻ ته سندن خواهش هئي ته معيشت ترقي نه ڪري، انهن ج?? هميشه کان خواهش رهي آ??ي ته ملڪ ۾ تباهي، بربادي ۽ گهرو ويڙهه پکيڙي وڃي، اهي ترقي جي سفر کي روڪڻ چاهين ٿا.وفاقي وز??ر چيو ته علي امين گنڊاپور جيڪا زبان استعمال ڪئي ان کانپوءِ هن چيو ته اسان پنجاب وڃي رهيا آهيون، پنجاب جا ماڻهو مهمان نواز آهن، پنجاب پنهنجي روايت قائم رکي، اڄ پنجاب جا سمورا رستا کليل رهيا، کين سيڪيورٽي به ڏني پرا افسوس جو هنن ج??تريون وڏيون ڳالهيون ڪيون ۽ ڳالهه اها ئي ٿي کوٽيو جبل نڪتو ڪوئو، اهو به مئل. وفاقي وز??ر چيو ته علي امين گنڊاپور کي ٻه ڀيرا ناڪامي ٿي چڪي آ??ي، کين ج??سي جي اجازت ڏني وئي، سيڪيورٽي ڏني وئي، جلسي جو هنڌ ڏنو ويو، سموريون سهولتون ڏنيون ويون پر پوءِ به ناڪام ٿيو. وفاقي وز??ر چيو ته علي امين گنڊاپور ٻيو ڀيرو ناڪام جلسو ڪيو آهي، اوهان ڪهڙي ڳالهه جا وز??راعليٰ آهيو ته اوهان هر محاذ تي ناڪام ٿي رهيا آهيو. اوهان پنجاب سان ڀيٽ نه ڪريو، الله جو شڪر آهي ته مريم نواز پنجاب اندر صحت، تعليم، انفرا اسٽرڪچر سميت هر شعبي ۾ بهترين ڪم ڪري رهي آ??ي، هو هڪ مناسب انتظامي انفرا اسٽرڪچر آندوآهي، پنجاب ۾ ترقياتي منصوبا هلي رهيا آهن، مريم نواز پنهنجي گورننس اندر اعليٰ معيار قائم ڪيو آهي، پوري دنيا ڏسي رهي آ??ي ته هو ڪهڙي طريقي سان نوان منصوبا آڻي رهي آ??ي، هو پنهنجي صوبي جي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ منصوبا شروع ڪري رهي آ??ي. وفاقي وز??ر چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وز??ر پنهنجي عوام تي ڌيان ڏي، ڀڀڪيون هڻڻ بند ڪري، بدتميزي ۽ بدزباني ڇڏي ۽ عوام جي خدمت ڪري. وفاقي وز??ر چيو ته لطيف کوسا طرفان ادارن خلاف زهر اوڳاڇڻ مذمت جوڳو آهي، هڪ سينئر وڪيل کي زيب نٿو ڏي ته هو چيف جسٽس خلاف غلط ٻولي استعمال ڪري، اسان ان ج?? مذمت ڪريون ٿا، اهو توهين عدالت جي برابر آهي ان ج?? نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ معيشت وڌيڪ بهتر ٿيندي، اسان ج?? ڪوشش آهي ته مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي ۽ ان جا اثرپاڪستان ۾ عوام تائين پهچن. هن چيو ته انشاءُ الله معيشت ٽيڪ آف ڪندي، هر شهري خوشحال ٿيندو، هڪ مستحڪم پاڪستان اسان ج?? عزم آهي، عزم استحڪام اسان ج?? ويزن آهي، ملڪ ۾ به امن قائم ڪنداسين ۽ معيشت کي به ترقي ڏينداسين. اسان ج?? معيشت ايندڙ وقتن ۾ دنيا جي اڀرندڙ معيشتن ۾ شامل ٿيندي ۽ بهترين ملڪن ج?? معيشتن ج?? برابر بيهندي.