اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرامن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ، گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائڻ، سلامتي، ماحولياتي تحفظ ۽ وسيلن جي پائيدار انتظام جي گڏيل چئ??ين??ز کي منهن ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار جي لاءِ ميري ٽائيم سيڪيورٽي اهميت رکندڙ آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار انٽرنيشنل ميري ٽائيم بزنس اينڊ فنانس ڪانفرنس 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگويز سميت ملڪي ۽ غيرملڪي نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ميري ٽائيم افيئرز بابت سڀني جا مفاد گڏيل آهن، پاڪستان جي ??لي?? اڪانومي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، حڪومت ماهيگيري جي شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. نائب وزيراعظم ميري ٽائيم سيفٽي ۽ ماحولياتي پائيداري جي اعليٰ ترين معيارن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم تي زور ڏنو. هن معاشي ترقي جي هڪ اهم ٿنڀ جي طور تي متحرڪ ??لي?? اڪانومي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيحن ۽ اقتصادي ترقي، نوڪرين جي تخليق ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال جو خاڪو پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ماهيگيري ۽ سامونڊي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ ”آف شور“ گئس ۽ پيٽروليم جي وسيلن جي ڳولا لاءِ پاڪستان جي اهميت جي پڻ وضاحت ڪئي. محمد اسحاق ڊار چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب ميري ٽائيم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تمام ضروري هو. نائب وزيراعظم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ نمائندن ۽ مهمانن سان ٿورا مڃيندي انهن کي ڀليڪار چيو. هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت ماهيگيري جي شعبي کي خاص اهميت حاصل آهي، ماهيگيري جي لاءِ ٻج ۽ خوراڪ جي صحيح طريقيڪار تحت انتظام ضروري آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته جهازسازي جي صنعت کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. ميري ٽائيم انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي حوصلا اف??ائي ڪنداسين، ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ??لي?? اڪانومي سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندو. سامونڊي معاملن ۾ جديد رجحانن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم ڪامياب ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي سامونڊي معاملن واري وزارت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سامونڊي ترقي جي لاءِ عالمي حصيداري ضروري آهي. هن چيو ته ??لي?? اڪانومي ۾ پاڪستان جو مقصد علائقائي پهچ جو مرڪز بڻجڻ آهي. پاڪستان جي ??لي?? اڪانومي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. نائب وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته ميري ٽائيم انڊسٽري جي ڊي ڪاربنائيزيشن جاري آهي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڪستان ۾ بندرگاهن تي نمايان ترقي ڏسڻ لاءِ ملندي.