اسلام ??با?? -02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن جو جائزه اجلاس منعقد ٿ??و. ??جلاس ۾ بلوچستان ۾ جاري پي ايس ڊي پي منصوبن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو و??و. ??ن موقعي تي وفاقي وزير چيو ته صوبا پنهنجي ترجيحن مطابق پي ايس ڊي پي منصوبن لاءِ لائحه عمل تيار ڪن، پوري ڪوشش آهي ته بلوچستان صوبي جي منصوبن لاءِ فنڊز جي فراهمي يقيني بڻايون. هن چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي اهم قدمن جي ضرورت آهي. مقامي ماڻهن کي ئي ايف سي جون خدمتون سونپيون وڃن ?? انهن کي ضروري تربيت فراهم ڪئي ??ڃي، جن منصوبن تي 70 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپارڪو جي مدد سان ملڪ ۾ موجود 15 سال اول ۽ اڄ جي ڊيمن تي رپورٽ تيار ڪئي ??ڃي. بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان عوام کي آگاهه ڪرڻ ??ي ضرورت آهي.