اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ امام حسين عه جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ جلوس ب??آم?? ڪيا ويا، سڄي ملڪ ۾ چاليهي جي موقعي تي ??يڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيل هئا. ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو ڪالهه سومر ڏينهن 26 آگسٽ 2024ع تي ??ڄي ملڪ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ڪراچي، حيدرآباد، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوس ب??آم?? ڪيا ويا.
ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس خارادار مان نڪتو جڏ??ن ته حيدرآباد ۾ مرڪزي جلوس قدم گاهه مولا علي رضه تان انجمن اماميه سنڌ جي انتظام هيٺ نڪتو جيڪو روايتي ??ستن تان ٿيندو واپس امام بارگاهه دادن شاهه پهچي اختتام پذير ٿيو. جلوس ۾ شريڪ عزادارن ماتم ۽ زنجير زاني ڪئي، جڏ??ن ته نوحن وسيلي ڪربلا جي شهيدن کي پرسو ڏنو ويو. جڏ??ن ته ان کانسواءِ بدين، تلهار، ٽنڊو ڄام، ميرپورخاص، سکر، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، مٺي، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ پڻ ذوالجناح ۽ علم پاڪ سان جلوس ب??آم?? ڪيا ويا. ان موقعي تي ??يڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ڪراچي ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو هو جڏ??ن ته فورسز جا ڪيترائي جوان جلوسن تي ??ستن تي مقرر هئا.