اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جرمني جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا و??پا??ي ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن، جن کي هو وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان جرمني جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري وزير سوينجا شولزي جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزير شولزي جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جرمني جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا و??پا??ي ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن. هن پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ جرمني جي ڪردار کي ساراهيو. ان ڏس ۾ وزيراعظم جرمن حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پائيدار ترقي، موسمياتي ??بد??لين جي موثر اثرن ۾ گهٽتائي ۽ مع??شي واڌويجهه جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪي??. ج??هن ته ملڪ جي مع??شي بحالي جي لاءِ سڌارن سميت پنهنجي حڪومت جي ترجيحن جو به ذڪر ڪيو. وزير شولزي وزيراعظم کي چانسلر اولاف شولز جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي و??پا??، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون جي شع??ن ۾ گڏيل حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جرمني جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به ٻڌايو ته جرمني پاڪستان جي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۽ موسمياتي ??بد??لين جي اثرن کان بچاءُ جي قدمن لاءِ پنهنجو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ۽ جرمني جي اقتصاديات واري وزير ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ و??پا??، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان گڏوگڏ هنرمند افرادي قوت جي برآمد ۾ اضافو شامل آهي. هن غزه جي صورتحال ۽ يوڪرين تڪرار سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير سوينجا شولزي چانسلر اولاف شولز پاران وزيراعظم کي آڪٽوبر ۾ هيمبرگ پائيداري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي پاران سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، منصوبابندي وارو وفاقي وزير، اقتصادي مع??ملن وارو وفاقي وزير، و??پا?? وارو وفاقي وزير ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شامل هئا.