اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ قيمت?? پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ ان جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته قيمت?? پٿرن جي ر??اي??ي طريقي سان کاڻين جي کوٽائي سان اهو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو پيو وڃي، وفاقي ح??ومت گلگت بلتستان ۾ قيمت?? پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش ۽ ويليو ايڊيشن جي صنعت جو عالمي معيار سان هم آهنگ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قيمت?? پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، خالد مقبول صديقي، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ قيمت?? پٿرن جي صلاحيت، کاڻين جي کوٽائي جي موجوده طريقن ۽ روانگي واپار جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ قيمت?? پٿرن جا وسيع ذخيرا موجود آهن، انهن علائقن ۾ کاڻين جي کوٽائي جي لاءِ ر??اي??ي طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن جن جي ڪري قيمت?? پٿرن جو زيان ٿي رهيو آهي،خام مال اڪثر اسمگل ٿي ٻين ملڪن ۾ ويليو ايڊيشن کانپوءِ پوري دنيا کي برآمد ڪيو وڃي ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وسيع مقدار ۾ ذخيرن جي باوجود پاڪستان مان قيمت?? پٿرن جي برامدات جو ڪاٿو ڪجهه ملين ڊالر آهي. وزيراعظم کي قيمت?? پٿرن جي صنعت ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي گلگت بلتستان ۾ قيمت?? پٿرن جي حوالي سان هڪ ڪلسٽر ٺاهڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم تجويزن تي عملدرآمد جي ذميواري نجڪاري واري وفاقي وزير کي ڏيندي هڪ هفتي ۾ گلگت بلتستان ۾ پائليٽ پراجيڪٽ جي ح??مت عملي کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته قيمت?? پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ شعبي جي سڌارن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي پاڻ صدارت ڪندس. هن چيو ته وفاقي ح??ومت گلگت بلتستان ۾ قيمت?? پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش ۽ ويليو ايڊيشن جي صنعت جو عالمي معيار سان هم آهنگ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي، ان حوالي سان وفاقي ح??ومت گلگت بلتستان حڪومت کي مڪمل مالي معاونت فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بدقسمتي آهي ته 77 سالن ۾ ان شعبي تي ڌيان نه ڏنو ويو، قيمت?? پٿرن جي ر??اي??ي طريقي سان کاڻين جي کوٽائي سان قيمتي اثاثو ضايع ڪيو پيو وڃي، هڪ مهيني ۾ عالمي معيار سان هم آهنگ جديد حڪمت عملي جوڙي ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ قدم شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته قيمت?? پٿرن جي صنعت ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حوالي سان عملي قدم ۽ نتيجا پيش ڪيا وڃن، قيمت?? پٿرن جي اسمگلنگ جي اجازت بلڪل نه ڏني ويندي، ان حوالي سان گلگت بلتستان حڪومت سان مشاورت کانپوءِ هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ قيمت?? پٿرن جي عالمي سطح تي لاڳو سرٽيفڪيشنز حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت قيمت?? پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي جي حوالي سان 178 وڏا لائيسنس ڏنا ويا آهن جڏهن ته قيمت?? پٿرن جا 18 قسم آهن، پاڪستان جي قيمت?? پٿرن جي روانگي واپار جو 80 سيڪڙو حصو خام مال تي ٻڌل آهي، قيمت?? پٿرن جي صنعت جي ترقي سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم قيمت?? پٿرن جي جديد کاڻين جي کوٽائي، تراش خرا??، پالشنگ ۽ ويليو ايڊيشن جي حوالي سان پاڪستاني افرادي قوت جي پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.