اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مادر ملت محترمه فاطمه جناح آزادي جي جدوجهد ۾ قائداعظم محمد جناح سان گڏ رهي، جمهوريت جي ف??وغ لاءِ م??ترمه فاطمه جناح جو عزم پختو ۽ متاثر ڪندڙ هو. مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي پيدائش جي ڏه??ڙي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته باني پاڪستان قائداعظم محمد ع??ي جناح سان گڏ آزادي جي جدوجهد ۾ محترمه فاطمه جناح جو ڪردار نمايان رهيو. جمهوريت جي ف??وغ لاءِ سندس عزم پختو ۽ متاثر ڪندڙ هو. هوءَ سمورن پاڪستانين جي لاءِ قابل احترام ۽ رول ماڊل هئي. هن چيو ته فاطمه جناح جي سڄي زندگي محنت جي جذبي سان سرشار هئي، ان جي لازوال ميراث اسان جي لاءِ م??عل راهه آهي.