اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ شهري ??وڏ جي روڪٿام جي ??اء?? جامع منصوبو جلد تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ شهري ??وڏ روڪڻ جي ??اء?? جامع منصوبو ترجيحي بنيادن تي تيار ڪرڻو پوندو، ڪراچي کي شهري ??وڏ کان بچائڻ جي ??اء?? سنڌ حڪومت پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪري، عالمي معيار موجب نيڪاسي ۽ ??وڏ واري پاڻي جي موثر انتظام جو نظ??م ٺاهڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ڪراچي کي شهري ??وڏ کان بچائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به شريڪ هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪراچي ۾ زمين هيٺ سرنگن جي ذريعي ??وڏ تي ضابطو آڻڻ جي فزيبلٽي اسٽڊي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪئي وڃي، ڪراچي ۽ ان جي سامونڊي علائقن کي صاف سٿرو بڻائن، دنيا جي ٻين ميٽرو پوليٽن شهرن جي برابر آڻڻ جي ضرورت آهي، سرنگن جي تجويز ڪيل منصوبي جا نمايان ماحولي??تي اثر پوندا، سنڌ حڪومت عالمي ڊونرز کان سرنگن جي تجويز ڪيل منصوبي جي ??اء?? ماحولي??تي فنانسنگ حاصل ڪرڻ تي غور ڪري. هن چيو ته آلوده پاڻي صاف ڪرڻ جي نظ??م جي تعمير سان بلوچستان کي به زراعت جي ??اء?? پاڻي ملندو، صاف پاڻي جي نظ??م جي تعمير سان ماهيگيري جي شعبي کي به فروغ ملندو، حيدرآباد شهر کي به شهري ??وڏ ۽ نيڪاسي جا مسئلا د??پي?? آهن، ترجيحي طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ صدر کي عالمي پاڻي ۽ سيوريج مئنيجمينٽ ماهرن پاران جامع بريفنگ ڏني وئي. ماهرن ڪراچي ۾ شهري ??وڏ ۽ نيڪاسي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? مختلف تجويزون ڏنيون. ماهرن واشنگٽن، لنڊن ۽ سنگاپور جي زمين هيٺ سرنگن جي نيڪاسي جي نظ??م تي پڻ روشني وڌي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي هائي فلڊ زونز ۾ موجود رستن جي هيٺ ننڍي ۽ وڏي سيوريج سرنگن جو ڄار وڇائي سگهجي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل زمين هيٺ سرنگن سان عوام، ٽريفڪ ۽ زمين جي ملڪيت جي حوالي سان پريشاني نه ٿيندي، ڪراچي ۾ اٽڪل 450 ملين گيلن ڏهاڙي نيڪاسي جو پاڻي پيدا ٿئي ٿو، نيڪاسي ۽ برسات جو پاڻي ننڍي ۽ وڏي کليل نالن ۾ گڏ ٿئي ٿو، نيڪاسي ۽ ??وڏ وارو پاڻي بنا ٽريٽمينٽ سمنڊ ۾ ڇڏڻ سان سامونڊي ماحولي??تي نظام گدلو ٿئي ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي نالن جي موجوده نيٽ ورڪ جي صلاحيت محدود آهي، نالن جو موجوده ڄار عام حالتن ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو برسات جي پاڻي کي جذب ڪري ٿو، ڪراچي جي سسٽم پاران اضافي پاڻي جذب نه ٿيڻ سان شهري ??وڏ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اجلاس ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ، سنڌ جي بلديات وارو وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، سينيئر سرڪاري آفيسر، مقامي ۽ عالمي پاڻي جي انتظام جا ماهر پڻ شريڪ هئا.