اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اعليٰ سطحي ڪانفرنس ”ڪال فار ايڪشن: غزه جي لاءِ فوري انساني ردعمل” ۾ شرڪت جي لاءِ 10 ۽ 11 جُون تي اُردن جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو، پرڏيهي ??اتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان مُوجب ڪانفر??س جو اهتمام اردن جي شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين، مصر جي صدر عبدالفتاح السيبي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏيل طور تي ڪيو آهي. ڪانفر??س جو مقصد غزه ۾ خوف??اڪ انساني صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل ردعمل تيار ڪرڻ آهي. ڪانفر??س جي موقعي تي نائب وزيرا??ظم جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. بيان موجب ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ فلسطين ڪاز جي لاءِ ان جي مضبوط ۽ پراڻي حمايت کي واضح ڪري ٿي.