ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان دبئي ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين جي گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي پروفيشنلز ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف ابوظه??ي ۾ گڏيل عرب امارات، پاڪستان ٽيڪنالاجي تعاون جي موضوع تي رائونڊ ٽيبل سيشن ۾ شرڪت ڪئي. ان تقريب جو انعقاد پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي تعاون ۽ ابوظه??ي ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي معاونت سان ڪيو ويو هو. ان تقريب ۾ يو اي اي ۾ قائم آءِ ٽي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن کانسواءِ پاڪستاني آءِ ٽي ما??رن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو حوالو ڏنو. هن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ مضبوط اداراجاتي ۽ عوامي سطح جي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ جدت ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ جهڙو عزم رکندڙ آهن. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ پروفيشنلز کي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي شع??ي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستاني آءِ ٽي انٽرپرائيزز ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪمپنين جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اهو رائونڊ ٽيبل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شع??ي ۾ وڌيڪ تعاون جي لاءِ هڪ منفرد سيشن هو. ان سيشن جو بنيادي مقصد گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين کي پاڪستاني ڪمپنين سان مضبوط لاڳاپن، انهن جي ڪامياب ڪهاڻين جي اعتراف ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ مستقبل جي حصيداري جي لاءِ هڪ جڳهه گڏ ڪرڻ هو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي ۽ مختلف تجويزن ۽ س??الن جا جواب ڏنا. هن ملڪ جي ڊيجيٽل معيشت ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ سندس حڪومت جي عزم کان پڻ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو جڏهن ته سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم جي موجودگي ۾ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميش?? تي عملدرآمد جي حوالي سان ٽن مفاهمت جي يادداشت?? تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي اماراتي ڪمپنين ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا ويا.