واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي، ته اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سا?? ڪيترن ئي اربين ڊالرن جي نئين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ آمريڪا کي پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو مليو آهي. اهڙو اظهار هن واشنگٽن جي دوري دوران فرانس جي خابرو ??يجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو. هن چ??و ته هن وقت اڳ کان موجود 3 ارب ڊالرن جي ماليت جي اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت پروگرام ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ ان معاهدي جي 1.1 ارب ڊالرن جي حتمي قسط جو هن مهيني جي آخر ۾ منظور ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزير چ??و ته پاڪستان ڪيترن ئي اربين ڊالرن جي ماليت جي قرض پروگرام جي حوالي سا?? آءِ ايم ايف سا?? ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي ڪيترن ئي سا??ن تي ٻڌل هونديون. هن چ??و ته گذريل سا?? جي ابتڙ هن سا?? پاڪستان جي معيشت جي شروعات سٺي ٿي آهي، آءِ ايم ايف سا?? نئين پروگرام جي امڪانن سا?? ئي مارڪيٽ جي اعتماد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چ??و ته پاڪستان آءِ ايم ايف سا?? گهٽ ۾ گهٽ 3 سا??ن جي پروگرام لاءِ رابطو ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ڍانچي وار سڌارن جي ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ان پروگرام جي ضرورت آهي. هن چ??و ته مئي جي ٻئي يا ٽين هفتي تائين آءِ ايم ايف پروگرام بابت بنيادي معاملن کي طئي ڪرڻ تائين پهچي وينداسين. ناڻي واري وزير چ??و ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀائيوار آهي، آمريڪا هميشه خاص طور تي سيڙپڪاري جي حوالي سا?? پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير چ??و ته ان تحت چين بنيادي ڍانچي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وسيع سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چ??و ته واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ جو هڪ سٺو موقعو آهي، رياستي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن ۽ نجڪاري پروگرام جي سوال تي هن چ??و ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سا?? اسان ايندڙ مهيني يا ان کان ڪجهه وڌيڪ عرصي ۾ امڪاني واڪ ڏيندڙن جي دلچسپي جي حوالي سا?? معلومات ملي ويندي ۽ اسان جي خواهش آهي ته ان عمل کي جون جي آخر تائين مڪمل ڪيو وڃي. ايندڙ ٻن سا??ن ۾ نجڪاري جي پروگرام ۾ تيزي آڻينداسين. واضح رهي ته ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سا??ياني اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي دوري تي آهي.