اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار کي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير ايمن صفادي ٽيليفون ڪري پرڏ??هي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏ??هي آفيس موجب پرڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار اردن جي پرڏ??هي وزير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني عوام شاهي خاندان ۽ اردن جي عوام جي لاءِ تمام گهڻي عزت رکي ٿي. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي رفتار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي وزيرن فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي قابض فوج جي غيرانساني ۽ وحشياڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي. هن فوري جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته غزه جي م??ڻه?? جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي ?? بنا روڪ ٽوڪ ۽ اضافي جي ضرورت آهي.