لاڙڪاڻو – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ڀٽو خاندان جي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن شهي?? محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار ??لي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي مزار ??ي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ انهن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. صدر شهيد ذوالفقار ??لي ڀٽو جي پهرين گهرواريءَ شيرين امير بيگم مرحومه جي قبر تي پڻ حاضري ڀري ۽ قبر تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ هن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد مير شاهنواز ڀٽو جي قبرن تي پڻ حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. وڏو وزير سي?? مراد علي شاهه پڻ ص??ر سان گڏ هو.