ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)سن?? جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر اين اي 237 ۽ پي ايس 104 تي پنهنجو ووٽ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول نمبر 2 بلاڪ 6 پي اي سي ايڇ ايس ۾ ڪاسٽ ڪيو. سن?? جي وڏي وزير چيو ته هن پنهنجو جمهوري حق پورو ڪيو. سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي سن?? جي نگران وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي جا سمورا انتظا?? اثرائتي انداز ۾ ڪيا ويا آهن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي پولن?? جو عمل بهتر نموني سان جاري رهيو. صوبي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان سن?? جي نگران وڏي وزير چيو ته هنن چونڊ عملي کي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون. هن پولنگ اسٽاف جي پولنگ اسٽيشنن تي نه پهچڻ واري معاملي کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته عملو پنهنجو فرض بهتر نموني سرانجام ڏنو. موبائيل سروس جي معطلي جي حوالي سان سن?? جي نگران وڏي وزير واضح ڪيو ته اهو نگران وفاقي حڪومت جو فيصلو هو ٿي سگهي ٿو ڪنهن مناسب سبب لاءِ اهڙو فيصلو ڪيو هجي. سن?? جي نگران وڏي وزير ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. سي سي ٽي وي ڪوريج ذريعي پولنگ جي عمل جو جائزو ورتو. نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سن?? جي وڏي وزير کي پولنگ عمل بابت بريفنگ ڏني. ان بعد نگران وڏي وزير سن?? جي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سان گڏ هيلي ڪاپٽر ذريعي پولنگ عمل جو هوائي معائنو پڻ ڪيو.