اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گ??گت بلتستان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي صورتحال، ڪڻڪ سبسڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اسڪردو جا مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي هن نگر??ن و??ير??عظم ۽ ناڻي واري نگر??ن وفاقي وزير سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو معاملو پڻ حل ڪيو ويندو. صدر چيو ته نگر??ن و??ير??عظم گلگت بلتستان ڪا??ونسل جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي ملاقات جي لاءِ اتفاق ڪيو آهي. واضح رهي ته گلگت بلتستان ڪا??ونسل جي وفد گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي معاملي تي صدر سان ملاقات ڪئي هئي. صدر وفد کي گلگت بلتستان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳالهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.