اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پي آءِ اي جي نج??اري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب نگران وزيراعظم سان هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوابازي واري صلاحڪار نگران وزيراعظم کي وزارت جي معاملن ۽ حڪومت جي هوابازي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان ??فصيلي طور آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم کي پاڪستان ??نٽرنيشنل ايئرلائينز جي نج??اري ۽ ايئرپورٽ آپريشن جي آئوٽ سورسنگ جي عمل تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نج??اري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي هوابازي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي. حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نج??اري ڪري قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان ??چائڻ سرفهرست آهي.